اسلام آباد – 09 آ??سٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورنگ پارڪ ۾ ٻوٽو لڳائي ملڪ جي سڀ کان وڏي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ٽائيگر فورس جي رضاڪارن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. شهرين ۽ ٽائيگر فورس جي ميمبرن مختلف ٻوٽا لڳايا. حڪومت 9 آ??سٽ تي سڄي ملڪ ۾ ٽائيگر فورس جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ 10 بلين ٽري سونامي پروگرام تحت 10 لک کان وڌيڪ رضاڪارن سان گڏ ٻوٽا لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. منصوبي تحت خيبرپختونخواهه ۾ 20 لک، پنجاب ۾ 11 لک 90 ??زا??، سنڌ ۾ 3 لک، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 57 ??زا??، بلوچستان ۾ 15 ??زا?? ۽ گلگت ۾ 11 ??زا?? 500 ٻوٽا لڳائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو.