اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير جي خاص حيثيت جي خاتمي جي غيرقانوني ۽ غيرآئيني قدم جي خلاف سڄي ملڪ ۾ اڄ اربع ڏينهن استحصال جو ڏهاڙو ملهايو و??ند??. ان موقعي تي ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ وزيراعظم عمران خان مظفرآباد ۾ قانونساز اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندو ۽ مظفرآباد ۾ ئي ريلي جي قيادت ڪندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلام آباد ۾ ڪشميرين جي حمايت ۾ ريلي جي قيادت ڪندو. شهر شهر گهٽيءَ گهٽي ان قدم خلاف ريليون ڪڍيون و??ند??ون. بزرگ حريت اڳواڻ سيد ??لي گيلاني کي نشان پاڪستان ڏيڻ جو اعلان ڪيو و??ند??. پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي صدر، وزيراعظم، چئني صوبن جي وڏن وزيرن، گلگت بلتستان جي نگران وڏي وزير، ??در، ??زاد ڪشمير جي وزيراعظم جا خاص پيغام نشر ڪيا ويندا. وزيراعظم جي آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب جي موقعي تي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي و??ند?? ۽ ٽريفڪ روڪي و??ند??. چئني صوبن گلگت بلتستان ۾ گورنرز ۽ وڏن وزيرن جي قيادت ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪندي يڪجهتي واريُون ريليون ڪڍيون و??ند??ون. ان ڏينهن کي استحصال جو ڏهاڙو ڪري ملهائڻ جو مقصد دنيا کي ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدم ۽ ان جي آر ۾ هڪ سال ۾ ڪشمير ۾ جاري فوجي گهيراءُ ۽ ظلم ۽ ڏاڍ کان آگاهه ڪرڻ آهي. صبح 10 وڳي سائرن وڄايا ويندا. گڏيل قومن جي مبصر مشن کي سيڪريٽري جنرل جي نالي ياداشت پڻ پيش ڪئي و??ند??. پوسٽل سروسز واري وزارت پاران خصوصي پوسٽ جي ٽڪلي جاري ڪئي و??ند?? جنهن ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ظلم سان ناني جي شهادت کانپوءِ ان جي ميت جي مٿان ويٺل سندس ٽن سالن جي ڏوهٽي جي تصوير عالمي ضمير کي جنجهوڙڻ جي لاءِ ڇاپي وئي آهي. سڄي دنيا ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۾ ان ڏينهن جي حوالي سان خاص تقريبون ٿ??ند??ون. اهو ڏينهن ڪشمير جي تاريخ جو هڪ ٻيو ڪارو ترين ڏينهن آهي. جڏهن ڪشميرين کان انهن جا بنيادي حق ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي روشني ۾ مليل خاص حيثيت جي خاتمي جو غيرقانوني ۽ هڪطرفو قدم کنيو ويو.