اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان هدايت ڪئي آهي ته غيرضروري خرچن ۾ گهٽتائي جي لاءِ اداراجاتي سڌارن جو عمل تيز ڪيو وڃي، ڪورونا جي ڪري خيبرپختونخواهه جي معاشي صورتحال کان عوام کي مڪمل طور تي باخبر رکيو وڃي، مشڪل حالتن جي باوجود هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ته ترقياتي خرچ گهٽ کان گهٽ متاثر ٿين، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي فروغ تي ڀر??ور ڌيان ڏنو وڃي، صوبن ۾ توانائي جي صلاحيت بابت حڪمت عملي توانائي واري وزارت جي مشاورت سان جوڙي وڃي. اهي هدايتون هن خيبرپختونخواهه صوبي جي ترقياتي معاملن، ايندڙ بجيٽ جي حوال?? سان سڌارن، ڪورونا وائرس جي ڏس ۾ صوبائي معاشي صورتحال خا?? طور تي صوبائي آمدني، خرچن، وسيلن جي حوال?? سان درپيش مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ مستقبل جي حڪمت عملي جي حوال?? سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون.