اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) جي مالي سال 25-2024ع جي پهرين ٽه ما??ي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ تقريبن 20 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏيندي فيصلو وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو آهي. نيپرا ترجمان ڪالهه جاري ڪيل بيان موجب ڊسڪوز نيپرا کي ٽه ما??ي ايڊجسٽمينٽس جي درخواست ڏني هئي، جنهن تي اٿارٽي مالي سال 25-2024ع جي پهرين ٽه ما??ي ايڊجسٽمينٽ تي 20 نومبر تي عوامي ٻُڌڻي ڪئي هئي. اٿارٽي ڊيٽا ج?? جاچ پڙتال کانپوءِ ڊسڪوز جي صارفين لاءِ پهرين ٽه ما??ي ايڊجسٽمينٽس جي مد ۾ تقريبن 20 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جيڪو صرف ڊسمبر جي مهيني لاءِ بلن ۾ لاڳو ه??ند??، ان کان اڳ مالي سال 24-2023ع جي چوٿين ٽه ما??ي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ صارفين کان ايوريج 1.74 رپيا في يونٽ چارج ڪيو پيو وڃي، جيڪو نومبر تائين لاڳو هو. پهرين ٽه ما??ي ايڊجسٽمينٽ ۾ گذريل مالي سال جي چوٿين ٽه ما??ي ايڊجسٽمينٽ جي ڀيٽ ۾ 1.54 رپيا في يونٽ صارفين کان گهٽ چارج ڪيو ويندو. ان ٽه ماهي جو لاڳو ٿيڻ ڊسڪوز ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي سمورن صارفين کانسواءِ لائيف لائن صارفين تي ه??ند??، ٽه ما??ي ايڊجسٽمينٽ جو فيصلو نوٽيفڪيشن کان پهرين وفاقي حڪومت آگاهه ڪيو ويو آهي.