اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ ڪجهه ٽيليويزن چينلز پاران چيني ??في?? کي پرڏيهي آفيس طلب ڪرڻ جي حوالي سان هلايل خبرن کي هٿ ٺوڪيو قرار ڏنو آهي. ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته چيني ??في?? کي پرڏيهي آفيس ۾ طلب ڪرڻ بابت ڪجهه چينلز پاران هلايل خبرُون غلط آهن. هن واضح ڪيو ته چيني ??في?? باقاعدگي سان پرڏيهي وزارت جو د??رو ڪري ٿو. هن ميڊيا کي مشورو ڏنو ته اها اهڙي سنسني خيز خبرن کي ڦهلائڻ کان پاسو ڪري.