لنڊن – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ جي مان ۾ دارالامراءِ ۾ لارڊ ضمير چو??ري آجياڻي جو اهتمام ڪيو. آجياڻي ۾ برطانيا جي مختلف پارٽين سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن جي وڏي انگ ۽ پاڪستاني برادري جي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نگران وزير??عظ?? شاندار استقبال تي ٿورا مڃيا ۽ گڏيل قدرن ۽ خواهشن تي ٻڌل پائيدار پاڪ برطانيا لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. هن ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ تي برطانيا ۾ پاڪستاني برادري جي خدمتن کي ساراهيو. نگران وزير??عظ?? آجياڻي جي شرڪت ڪندڙن کي اقتصادي ۽ سياسي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڀر??ور عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل هڪ بهترين پليٽ فارم مهيا ڪري رهي آهي، ان مان فائدو کڻڻ گهرجي. نگران وزير??عظ?? جامع، آزاداڻي ۽ شفاف چونڊ عمل جي اهميت تي زور ڏيندي جمهوري نظرين جي لاءِ قوم جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. آجياڻي واري تقريب گڏيل مفاد جي معاملن تي تعميري مڪالمي جو بهترين موقعو فراهم ڪيو. آجياڻي جي پڄاڻي تي سو??ل ۽ جواب جو سيشن پڻ ٿيو جنهن ۾ نگران وزير??عظ?? برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن جي سو??لن جا تفصيلي جواب ڏنا.