اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو آهي ته صحتمند زندگي ۽ پوڙهائپ ۾ ويسر جي بيماري جي شدت ۾ گهٽتائي جي لاءِ ذهني ۽ جسماني ورزش ۽ اوسر ضروري آهي، انساني تعلق جو بنياد همدردي ??هي. اهڙن خيالن جو اظهار هن الزائمر جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي نيشنل ڊيمنشيا پلان جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪن??ي ڪيو. صدر چيو ته هر انسان جي خواهش هوندي ??هي ته عمر جي ڪنهن به حصي ۾ ڪنهن جو محتاج نه بڻجي، عمر جي آخري حصي ۾ انسان جي يادداشت ڪمزور ٿي ويندي ??هي، هن چيو ته صحتمند زندگي ۽ ٻڍاپي ۾ نسيان جي بيماري جي شدت ۾ گهٽتائي لاءِ ذهني ۽ جسماني ورزش ۽ اوسر ضروري آهي. جسم جي ورزش سان بدن ۾ توانائي پيدا ٿيندي ??هي اهڙي طرح الزائمر سان ڪمزور ٿيندڙ دماغي خلين کي ذهني مشقن جي ذريعي بحالي ۾ مدد ملندي ??هي. صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو ته وزيراعظم عمران خا?? والده جي ياد ۾ هڪ عظيم مقصد لاءِ شوڪت خا??م ميموريل اسپتال تعمير ڪيو. هن چيو ته ميڊيڪل جي تعليم ۾ موروثي بيمارين بابت آگاهي ڏني وئي آهي پر ان حوالي سان ڪو ڌار شعبو نه آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ دنيا جي مقابلي ۾ خا??داني نظام مضبوط آهي، خا??دان جي بزرگن جو ڀرپور خيال رکيو ويندو آهي. خا??دان کي الزائمر جي مريض بزرگن جي مشڪلاتن کي سمجهڻ ضروري آهي، انساني تعلق جو بنياد همدردي ??هي، صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو ته انفراسٽرڪچر سان گڏوگڏ معاشري ۾ احساس پيدا ڪرڻ ضروري آهي، ان موقعي تي خيالن جو اظهار ڪن??ي وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊا??ٽر فيصل سلطان چيو ته معاشري ۾ صحت جي سهولتن جي فراهمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون، بزرگن کي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، الزائمر جي شڪار مريضن جي وارثن کي به پريشاني کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، اهڙن مريضن جي سارسنڀال لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙڻ ضروري آهي، اهڙي طرح مريضن جي سارسنڀال ڪن??ڙن جي تربيت به ضروري آهي، پنجاب جي صحت واري صوبائي وزير ڊا??ٽر ياسمين راشد پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پنهنجي بزرگن جو خيال رکڻ اسان جي دين جو حصو آهي، الزائمر بابت نيشنل ايڪشن پلان ۾ صوبن کي شامل ٿيڻ گهرجي، الزائمر سوسائٽي پاڪستان جي صدر ضياءَ حيدر رضوي به خطاب ڪيو.