اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته باباءِ ??وم قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن موجب روشن، پرامن ۽ ترقي يافته پاڪستان ئي اسان جو مقصد آهي. قائداعظم محمد علي جناح جي ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته باباءِ ??وم جي قيادت ۾ پاڪستان هڪ خودمختيار رياست بڻجي اڀريو جنهن تي قوم قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪر?? ٿي. چوڌري فواد حسين چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي تعليم ۽ ان جي فرمانن جي اهميت موجوده دور جي مسئلن کي آڏو رکندي وڌيڪ اهميت اختيار ڪر?? وئي آهي. باباءِ ??وم جي دور انديشي ۽ سياسي بصيرت قوم جي تقدير بدلائڻ جي لاءِ اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط جهڙا رهنما اصول واضح ڪيا هئا ته جيئن سمورن مسئلن جو گڏجي مقابلو ڪر?? سگهجي. چوڌري فواد حسين چيو ته اڄ اسان جي مسئلن جو وڏو سبب ان تعليم کان دوري آهي، اسان کي پرامن، ترقي پسند ۽ جمهوري سوچ کي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته انشاءَ الله پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت باباءِ ??وم جي ترقي پسند ۽ جمهوري پاڪستان جي خواب جي تعبير ڪندي.