اسلام آباد-15 سيپٽمبر(اي پي پي ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان گڏيل عرب امارات جي هم منصب شيخ عبدالله بن زايد النهيان گذريل ڏينهن ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٻه طرفن ناتن ۽ افغانستان جي موجوده صورتحا?? تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي وزيرن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻه طرفن ناتن ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبي ۾ سهڪار جي نوعيت تي اطمينان جو اظها?? ڪندي ان کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو . پرڏيهي وزير اماراتي هم منصب کي دبئي ۾ منعقد ٿيندڙ ايڪسپو 2020 جي بهترين انتظامن تي مبارڪباد ڏني ۽ ايڪسپو جي شاندار ڪاميابي لا??ِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن اهم علائقائي گڏيل دلچسپي وارن معاملن افغانستان جي صورتحا?? تي صلاح مشوري جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو .