اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين راولپنڊي اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس (آر آئي يو جي) جي نئين چونڊيل صدر شڪيل احمد، جنرل سيڪريٽري صديق انظر ۽ ٻين عهديدارن کي مبا??ڪب??د پيش ڪندي چيو آهي ته نون چونڊيل عهديدارن جي چونڊ انهن جي قائداڻي صلاحيتن تي صحافي برادري جي اعتماد جو ثبوت آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته حڪ??مت اظهار راءِ جي آزادي جي بينادي ۽ جم??وري حق تي ڪامل يقين رکي ٿي، آزاد، فعال ۽ متحرڪ ميڊيا جم??وريت جي مضبوطي ۽ جم??وري قدرن جي فروغ لاءِ اڻٽر آهي، وفاقي وزير اميد ظاهر ڪئي ته آر آئي يو جي جا نوان چونڊيل عهديدار صحافي برادري جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ??ند??.