اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته ننڍي ۽ وچولي درجي جو ??اروبار ملڪي معيشت جي لاءِ تمام اهم آهي، ماضي ۾ ننڍين صنعتن کي نظرانداز ڪيو ويو، ننڍي ڪاروبار ڪندڙن کي مراعتون ۽ سهولتون ڏنيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ن??ڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي فروغ جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، مخدوم خسرو بختيار، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ جو ??ورنر ڊاڪٽر رضا باقر وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. صنعت ۽ پيداوار ڊويزن واري سيڪريٽري اجلاس کي تجويز ڪيل ايس ايم ايز پاليسي جي مقصدن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جو ??اروبار پاڪستان جي ڪل جي ڊي پي جو 40 سيڪڙو حصو آهي، ٽيڪس جي مد ۾ تمام گهڻيون مراعتون ڏنيون پيون وڃن، ايس ايم ايز جي فروغ جي لاءِ ايڪشن پلان جي منطوري وفاقي ڪابينا اڳ ۾ ئي ڏئي چڪي اهي، اسٽيٽ بئنڪ جي نگراني هيٺ ننڍي ۽ وچولي صنعتن کي قرض ڏنا ويندا، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي سان واڳيل ڪاروبار تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، سمورن حصيدارن سان تفصيلي رجوع ڪيو ويو آهي ته جيئن پاليسي ۾ ڪنهن قسم جو جهول نه رهي. وزيراعظم عمران خان چ??و ته ايس ايم ايز ملڪي معيشت ۾ اهم ترين حيثيت رکندڙ آهي، ماضي ۾ ننڍين صنعتن کي نظرانداز ڪيو ويو، اسان جي حڪومت جو ??يان ن??ڍي صنعتن کي سهولتون ڏيڻ تي آهي. هن چ??و ته ڪاروبار ۾ آسانين جي پاليسي تحت ننڍي ڪاروبار ڪندڙن کي مراعتون ۽ آسانيون ڏنيون وڃن. هن هدايت ڪئي ته تجويز ڪيل ايس ايم ايز پالي??ي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏني وڃي.