اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي جي حڪومتن تعلي?? جي فروغ لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪيون، ماڻهن کي تعلي?? جي ذريعي اڳتي وڌڻ جو موقعو نه ڏيڻ ظلم ۽ ناانصافي آهي، ٻارڙين جي تعليم کي اهميت نه ڏئي ملڪ جو قيمتي اثاثو ضايع ڪيو ويندو رهيو آهي، اسڪول گهرن کان پري هجي ۽ استادن جي کوٽ هجي ته مسئلا پيدا ٿين ٿا، موجوده حڪومت جي ڪوشش آهي ته غريب خاندانن ج?? ٻارن کي تعلي?? جي سهولت فراهم ڪري، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان اسڪول وظيفا پروگرام کي شفاف بڻائڻ ۽ موثر نگراني ۾ مدد ملندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار احساس پروگرام تحت مستحق خاندانن جي لاءِ اسڪول وظيفا جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود ۽ وزيراعظ?? جي سماجي ڀلائي ۽ غربت جي خاتمي بابت خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر پڻ موجود هئي. وزيراعظم چيو ته مستحق خاندانن جي لاءِ اسڪول وظيفا جاري ڪرڻ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ان پروگرام جا ٻه اهم رخ آهن، پاڪستان ۾ ٻه ڪروڙ ٻار اسڪول نه پيا وڃن، هڪ ته انهن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ ۽ تعلي?? جي زيور کان آراسته ڪرڻ آهي، بدقسمتي سان انهن کي اڳ ۾ اهميت نه ڏني وئي، اهو ئي سبب آهي جو ٻارن جو ايترو وڏو انگ اسڪول نه وڃي رهيو آهي، ملڪ جو سڀ کان وڏو سر??اي?? ان جي عوام هوندي آهي ۽ جڏهن اسان پنهنجي ماڻهن کي تعليم نه ٿا ڏيون ته نه رڳو اهو سر??اي?? ضايع ڪريون ٿا پر ان تي اهو ظلم ۽ ناانصافي به ڪريون ٿا ته انهن کي ترقي جو موقعو نه ٿو ملي. وزيراعظم چيو ته تعلي?? جي فروغ لاءِ وظيفا ۽ سهولت ڏئي رهيا آهيون، ٻارڙيون وڌيڪ اسڪول کان ٻاهر آهن ۽ خاص طور ٻارڙين جي تعليم کي ماضي ۾ اهميت نه ڏني وئي، ٻارڙين جي تعليم کي اهميت نه ڏئي ملڪ جو قيمتي اثاثو ضايع ڪيو ويندو رهيو آهي، تعليم يافته عورت مرد کان وڌيڪ معاشري کي فائدو پهچائي سگهي ٿي ۽ پڙهيل لکيل ماءُ ٻارن جي تربيت ۽ سارسنڀال وڌيڪ بهتر ڪري ٿي، ٻارڙين جي تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي، پرائمري ڪلاسن ج?? ٻارڙين کي 2000 رپيا ۽ ٻارن کي 1500 رپيا ٽه ماهي وظيفو ڏنو ويندو، حڪومت جي پوري ڪوشش آهي ته غريب خاندانن ج?? ٻارن کي تعلي?? جي سهولت فراهم ڪري. هن چيو ته ان اسڪيم سان تعلي?? جي لاءِ ٻارن ۽ ٻارڙين جي حوصلا افزائي ٿيندي، اولهه ۾ اهو تاثر موجود آهي ته شايد اسان پنهنج?? ٻارڙين کي تعليم نه ٿا ڏيارڻ چاهيون جڏهن ته ائين نه آهي ۽ هر پاڪستاني پنهنج?? ٻارڙين کي تعلي?? جي زيور سان آراسته ڪرڻ جو خواهشمند آهي پر ڪجهه جاين تي اسڪول پري هوندا آهن ۽ استاد به ناهن هوندا جنهن جي ڪري مسئلا پيدا ٿين ٿا، ميانوالي جي تعلقي عيسيٰ خيل جي ڪجهه علائقن ۾ اهڙي صورتحال رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ماضي جي حڪومتن جي ذميواري هئي ته اهي تعلي?? جي لاءِ سهولتون فراهم ڪن ها پر انهن پنهنجي ذميواري پوري نه ڪئي. هن چيو ته اسان جي حڪومت تعلي?? جي سهولت وڌائڻ ۽ ٻارن جي داخلا جي شرح ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ان پروگرام کي شفاف بڻائڻ ۾ مدد ملندي ۽ ان سان جعلي انٽريز ۽ گهوسٽ اسڪول جهڙن مسئلن تي ضابطو آڻي سگهبو ۽ موثر نگران?? پڻ ڪري سگهبي. هن اسڪيم جاري ڪرڻ تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ احساس ٽي?? جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.