اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد الحمد المالڪي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران سعودي سفير وزيراعظم عمران خان کي ولي عهد محمد بن سلمان پاران آڪٽوبر 2021ع ۾ سعودي عرب جي ميزباني ۾ ”مڊل ايسٽ گر??ن انيشي ايٽو“ جي موضوع تي ٿيندڙ سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ باضابطه دعوت ڏني. واضح رهي ته سعودي ولي عهد پاران مڊل ايسٽ گر??ن انيشي ايٽو جو اعلان هلندڙ سال جي آغاز ۾ ڪيو ويو هو?? جيڪو وزيراعظم پاڪستان جي ڪلين ۽ گر??ن پاڪستان ۽ 10 ارب سونامي ٽري منصوبي سان هڪجهڙائي رکي ٿو. پاڪستان ۽ سعودي عرب ماحوليات ۾ تبديلي بابت پنهنجي حڪمت عملي ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ لاءِ به هڪٻئي سان ويجهو تعاون ڪري رهيا آهن. وزيراعظم عمران خان کي ان سربراهه اجلاس ۾ ڏ??ي ويندڙ دعوت ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي قائداڻي ڪردار جو اعتراف آهي.