اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اقتصادي مشاورتي ڪائونسل کي عوام تي وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ بدران رليف فراهم ڪرڻ لاءِ آئوٽ آف باڪس حل تجويز ڪرڻ ۽ معاشي ا??تحڪام ۽ پيداوار گروٿ لاءِ روڊ ميپ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها هدايت اقتصادي مشاورتي ڪائونسل جي ا??لاس کي خطاب ڪندي ڪئي. وزيراعظم وڊيو لنڪ جي ذريعي ا??لاس ۾ شريڪ ٿيو ۽ سڀني ميمبرن کي اڪنامڪ ايڊوائيزري ڪائونسل ۾ آجيان ڪندي ناڻي واري وزير کي هدايت ڪئي ته ملڪي معيشت جي حوالي سان اهم معاملن تي تجويزون پيش ڪندڙ ان ڪائونسل کي مڪمل طور تي فعال هجڻ کي يقين?? بڻايو وڃي، وزيراعظم چيو ته اڪنامڪ ايڊوائيزري ڪائونسل جي قيام جو مقصد ملڪي معيشت کي پائيدار بنيادن تي هموار ڪرڻ جي حوالي سان ناليوارن معاشي ماهرن جي تجويزن مان فائدو وٺڻو آهي. وزيراعظم معاشي مسئلن جو ذڪر ڪندي چيو ته مشڪل معاشي حالتن جي پيش نظر عوام تي ٽيڪسن جو وڌيڪ بار وجهڻ بدران آڊٽ آف باڪس حل تجويز ڪيا وڃن ته جيئن ان سان جتي عوام کي رليف ميسر اچي ا??ي معيشت جي پائيدار ترقي کي يقين?? بڻائي سگهجي. وزيراعظم چيو ته حڪومتي ڪوششن جي ڪري ڪاروباري فضا بهتر ٿي ۽ ڪاروباري برادري جو اعتماد بحال ٿيو آهي، هن چيو ته حڪومت جي هر ممڪن ڪوشش رهي آهي ته بزنس ڪميونٽي جي مشاورت سان نه رڳو پاليسيون جوڙيون وڃن پر انهن پاليسين جو تسلسل يقين?? بڻايو وڃي.