اسلام آباد-20 ڊس??بر (اي پي پي) ڀارتي سينيئر ??فا??تڪار کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري 19 ڊس??بر تي قابض ڀارتي فو??ن طرفان لائن آف ڪنٽرول جي رک چڪري سيڪٽر ۾ جنگبندي جي بنا جواز ڀڃڪڙين تي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ جي نتيجي ۾ اکوڙي ڳوٺ جي 25 ساله صفيره سخت زخمي ٿي پئي. پرڏيهي ترجمان موجب سينيئر ڀارتي ??فا??تڪار کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري احتجاجي خط سندس حوالي ڪيو ويو ۽ کيس چيو ويو ته قابض ڀارتي فوج ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊريءَ جو مسلسل ڀڃڪڙيون ڪندي آرٽلري، ڳرن ۽ خودڪار هٿيارن ذريعي عام شهريءَ کي نشانو بڻائي رهيون آهن. ڀارتي ??فا??تڪار کي ٻُڌايو ويو ته شهري آبادين کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ انتهائي افسوسناڪ، انساني عظمت ۽ وقار، عالمي انساني حقن ۽ بين الاقو??مي انساني قانونن جي سڌي ڀڃڪڙي آهي.