اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس هتي ٿيو، وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس کي ايف بي آر جي چيئرمين آن لا??ين رجسٽريشن سسٽم ۽ آگاهي سيمينار جي حوالي سان بريفنگ ڏني، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ آگاهي سيمينار منعقد ڪيا ويا آهن، ڪنسٽرڪشن شعبي سان جڙيل 112 ماڻهو ۽ ڪمپنيون ايف بي آر سان رجسٽر ٿي چڪيون آهن جيڪي 123 منصوبن تي ڪم ڪندا، سنڌ جي چيف سيڪريٽري اجلاس کي ٻڌايو ته سيڙپڪارن جي ??اءِ ون ونڊو پورٽل ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن تحت سنڌ ۾ 19 منصوبن جي ??نظوري ڏني وئي آهي، 75 منصوبن لا??ِ اين او س?? جاري ڪئي وئي آهي، منصوبن جي ??گراني لا??ِ ڪميٽي نوٽيفائي ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پرائيو??ٽ سيڪٽر جا نمائندا به شامل آهن.