اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف انضمام ٿيل فاٽا ضلعن جي لاءِ فوري طور تي تر??ياتي فنڊز جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته لاڳاپيل اسڪيمن جي لاءِ فنڊز جي منظوري اي سي سي ۽ ٻين فورمن کان جلد ڪرائي وڃي، حڪومت انضمام ٿيل فاٽا ضلعن جي ترجيحي بنيادن تي تر??ي جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن انضمام ٿيل فاٽا ضلعن جي قومي اسيمبلي ميمبرن جي 5 رڪني وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ مذهبي معاملن ??ارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور، سمنڊ پار پاڪستانين وارو وفاقي وزير ساجد حسين طوري، قومي اسيمبلي ميمبر مولانا جمال الدين، علي وزير، محسن داوڙ کانسواءِ وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ سردار اياز ص??دق پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته حڪومت سڄي ملڪ جي معاشي طور تي ڪمزور علائقن جي تر??ي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وفد وزيراعظم کي لاڳاپيل تڪن جي مسئلن ۽ جاري تر??ياتي منصوبن بابت آگاهه ڪيو.