اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان قوم جي حيثيت سان صرف حضور ??ريم ﷺ جي تعليمات تي عمل ڪري ترقي ڪري سگهون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن مشهور مذهبي اسڪالر مولانا طارق جميل سان ڳالهائيند?? ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي رحمت اللعالمين اٿارٽي جي تجويز ڪيل ڪردار بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اها اٿارٽي اسان جي پياري نبي حضرت محمد ﷺ جي قائم ڪيل مديني جي رياست جي بنيادي قدرن ۽ سيرت النبي صه ﷺ جي شاندار تعليمات جي ر??شن?? ۾ نوجوانن جي ڪردا?? سازي لاءِ قائم ڪئي وئي آهي. ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته اسان قوم جي حيثيت سان صرف حضور صلي الله عليه وسلم جي تعليمات تي عمل ڪري ئي ترقي ڪري سگهون ٿا. مولانا طارق جميل مديني جي رياست جي فلاحي ماڊل کي لاڳو ڪرڻ سان گڏوگڏ تعليمات نبوي صلي الله عليه وسلم جي ر??شن?? ۾ نوجوانن جي ڪردا?? سازي تي زور ??يڻ جي لاءِ وزيراعظم جي ڪوششن کي ساراهيو.