اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قانونسازي جي ڪم کي موثر طريقي ??ان سرانجام ڏيڻ جي لاءِ پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن جي عمل کي تيز ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پارليامينٽ جي آٽوميشن ??ان پارليامينٽ جي ٻنهي ا??وانن جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿيندو جڏهن ته ان ??ان فوري فيصلا ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي، حڪومت مختلف وزارتن/ ڊويزنن کي ڊيجيٽل طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، جنهن جو مقصد احتساب ۽ شفافيت کي وڌائڻ ??ان گڏوگڏ خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ آهي. صدر اها ڳالهه پارليامينٽ هائوس ۾ سائبر ايفيشينٽ پارليامينٽ جي لاءِ صدر جي قدمن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قوم?? اسيمبلي ج?? اسپيڪر اسد قيصر، ايم اين اي شير علي ارباب، قوم?? اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي سيڪريٽري طاهر حسين، آءِ ٽي ا??نڊ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت جي سيڪريٽري ڊاڪٽر سهيل راجپوت ۽ منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وزارت جي سيڪريٽري حامد يعقوب پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته منصوبي جي پي سي ون منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وزارت کي پيش ڪئي وئي آهي. اجلاس ان منصوبي ۾ شامل فني معاملن جي نگراني ۽ پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ اسٽيئرنگ ڪميٽي پڻ جوڙي ڇڏي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ملڪ پارليامينٽ جي آٽوميشن ۾ دير کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. هن سمورين لاڳاپيل ڌرين کي چيو ته ان منصوبي کي ا?? جي ڏنل ٽائيم لائين يعني جنوري 2023ع کان اڳ مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته معلومات ۽ مواصلات جي جديد طريقن کي اختيار ڪرڻ لازمي آهي ته جيئن چوٿين صنعتي ا??قلاب جي چئلينجن جو مقابلو ڪري سگهجي.