اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت سازگار ڪاروباري پاليسين جي ذريعي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، پاڪستان هڪ محفوظ ملڪ آهي جتي ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن ۽ ڪاروبارن کي تحفظ حاصل آهي، اڳوڻي دور ۾ ڊي انڊسٽرلائيزيشن ٿي رهي هئي، پاڪستان تحريڪ ا??صا?? جي حڪومت اقتدار ۾ ايندي ئي ملڪ ۾ ڊي انڊسٽرلائيزيشن روڪڻ جي لاءِ قدم کني??، اسان جو يقين آهي ته صنعتون ترقي ڪنديون ته ملڪ اڳت?? وڌندو، وزيراعظم عمران خان ??ي ويزن تحت حڪومت ملڪ ۾ صنعتي انقلاب جي لاءِ نمايان قدم کڻي رهي آهي، وزيراعظم قوم کي خطاب ۾ ڪورونا وائرس ??ي وبا کانپوءِ دنيا کي درپيش معاشي صورتحال جو تفصيل سان ذڪر ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽر پرينيور آرگنائيزيشن ??ي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪي معاشي ترقي ۾ ڪاروباري ادارن جو اهم ڪردار آهي، ڪاروباري ادارا وڏي انگ ۾ نوڪريون مهيا ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ جي جي ڊي پي ۾ نمايان حصو وٺن ٿا، پاڪستان تحريڪ ا??صا?? جي حڪومت ملڪ ۾ صنعتي سرگرمين جي فروغ تي ڀرپور ڌيان ڏنو، اهو ئي سبب آهي جو اڄ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙپڪار?? وڌي آهي، ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين جي منافعي ۾ پڻ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، صنعتي ۽ زرعي شعبي ۾ انقلابي قدمن جي ڪري ماڻهن جي آمدني ۾ 37 سيڪڙو اضافو ٿيو، 1100 ارب رپيا رورل اڪانومي کان زرعي شعبي ۾ منتقل ٿي??، اڄ اسان جو آبادگار خوشحال آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ صنعتي ۽ زرعي سرگرمين ۾ اضافي جي ڪري گاڏين، موٽرسائيڪلن ۽ ٽريڪٽرن ??ي وڪري ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان پگهاردار طبقي کي درپيش مسئلن کان آگاهه آهيون، حڪومت ان ڏس ۾ قدم کني رهي اهي، منافعي بخش ڪمپنين کي به پنهن??ي ورڪرز جي پگهارن ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي انٽر پرينيور آرگنائيزيشن ??ي وفد حڪومت پاران صنعتن ۽ ڪاروبارن جي ترقي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو. وفد ۾ عاق چوڌري (رائس ورلڊ)، طارق محمد (اوٽو پاڪستان پرائيويٽ لميٽيڊ)، اشعر خان (ڪوم ٽيل، عمران غفور (ستاره پيروڪسائيڊ لميٽيڊ)، جاويد مصدق (اربن سول)، خرم گلزار (ويليو اسٽاڪ اينڊ ڪموڊيٽيز پرائيويٽ لميٽيڊ)، محسن خواجه (محمود گروپ)، شاهجهان ملڪ (گارڊ ايگريڪلچر ريسرچ ا??نڊ سروسز پرائيويٽ لميٽيڊ)، عمر اشرف (سپر ايشيا موٽرز پرائيويٽ لميٽيڊ)، تنوير احمد (ايفل انڊسٽريز لميٽيڊ)، قاسم چوڌري (مرڪنٽائل انٽرپرائيزز (پرائيويٽ) لميٽيڊ)، عمر ورڪ (حرا ملز لميٽيڊ) شامل هئا.