اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان قومي مفاد کي نظر ۾ رکندي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عوامي ريليف جي ڏس ۾ اوگرا ۽ ناڻي واري وزارت پا??ان پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضا??ي جي تجويز رد ڪري ڇڏي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پا??ان جاري بيان موجب اوگرا عا??مي منڊي ۾ پيٽروليم جي وڌندڙ قيمتن جي ڏس ۾ پهرين نومبر کان پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت 11.53 رپيا، هائي اسپيڊ ڊيزل 8.49 رپيا، گاسليٽ 6.29 رپيا ۽ لائيٽ ڊيزل 5.72 رپيا وڌائڻ جي ??جويز ڏني هئي جڏهن ته وزيراعظم تجويز ڪيل اضافي کي رد ڪندي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن کي وڌائڻ کان روڪي ڇڏيو. حڪومت عا??مي سطح تي وڌندڙ مهانگائي جو بار عوام تي منتقل ڪرڻ بد??ان عوام جي ??يليف کي ترجيح ڏئي رهي آهي. اوگرا پا??ان تجويز ڪيل تازي اضا??ي جي مد ۾ عوام تي پوندڙ بار کي حڪومت پاڻ برداشت ڪري رهي آهي.