فيصل آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪورونا جي عالمي وبا پوري دنيا جي معيشت جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ انهي جي ڪري عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون وڌڻ سان اسان کي به پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻو پيو پر پوءِ به حڪومت جي پوري ڪوشش آهي ته عوام تي گهٽ کان گهٽ بار وڌو وڃي جنهن سان گڏوگڏ معاشري جي پيڙهيل طبقي کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي ر??يا آهيون جڏهن ته انڊسٽري به ترقي ڪري رهي آهي جنهن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿي ر??يا آهن، جڏهن ته عوام کي راشن ڪارڊ جي طرز تي احساس ڪارڊ ذريعي اٽي، کنڊ، گيهه، دالين تي سڌوسنئون سبسڊي ڏينداسين، پي ڊي ايم جيترا مرضي جلسا جلوس، ريليون ڪري اها پنهنجي موت پاڻ مري چڪي آهي ۽ لولي لنگڙي، ٽٽل ڦٽل، سياسي بيروزگارن جي پي ڊي ايم سان حڪومت کي ڪو خطرو نه آهي ڇو ته عوام انهن ??ورن، ڦورن ۽ قومي ڏوهارين کي بچائڻ جي لاءِ ٻاهر نه نڪرندي. گورنمينٽ ماڊل ايم سي گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول سمن آباد فيصل آباد ۾ رحمت اللعالمين صه عشره جي سلسلي ۾ منعقد تقريب جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن ??يو ته عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن سان پاڪستان سميت سمورا ترقي يافته ملڪ ان سان متاثر ٿيا آهن. هن ??يو ته جڏهن پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون 37 ڊالر في بيرل تي هيون ته حڪومت عوام کي ريليف ڏيندي رهي پر هاڻي اها قيمت ٻيڻي کان به وڌي 85 ڊالر في بيرل تي پهچي وئي آهي تنهن ??ري حڪومت کي به قيمتن ۾ ڪجهه اضافو ڪرڻو پيو آهي پر پوءِ به حڪومت پيٽرول تي سيلز ٽيڪس 17 مان گهٽ ڪري 6.84 سيڪڙو ۽ پيٽروليم ليوي کي گهٽ ڪري 25 کان 30 بدران 5.64 رپيا ڪيو اهڙي طرح حڪومت پنهنجو روينيو گهٽ ڪيو ته جيئن عوام تي وڌيڪ بار نه پوي جڏهن ته ٻين ملڪن ۾ پيٽرول جون قيمتون اڃا به پاڪستان کين وڌيڪ آهن. فرخ حبيب چيو ته دنيا ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ 13.5 سيڪڙو اضافي جي ابتڙ اسان 8 سيڪڙو اضافو ڪري اربين جو بار پاڻ کنيو آهي. هن ??يو ته اهڙي طرح ڪوئلي جنهن سان بجلي پيداوار انڊسٽري هلي ٿي جي قيمت عالمي سطح تي 50 ڊالر في ٽن کان وڌيڪ 250 ڊالر ۽ کاڄرو تيل جي قيمت 500 ڊالر في ٽن مان وڌي 1200 کان 1300 ڊالر في ٽن ٿي وئي آهي جنهن سان گڏوگڏ ڪنٽينر شپنگ جا جيڪي چارجز اڳ ۾ 2000 ڊالر ۽ پهچ 1 مهينو هئي هاڻي ان جا چارجز وڌي 8000 کان 10 هزار ڊالر ۽ پهچ 3 کان 4 مهينا ٿي چڪي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته گڏيل قومن جي ذيلي اداري ورلڊ فوڊ آرگنائيزيشن جو چوڻ آهي ته 1970ع کانپوءِ ڪورونا جي عالمي وبا جي ڪري دنيا ۾ مهانگائي جي بدترين لهر آئي آهي جڏهن ته بلوم برگ پڻ ان جي تائيد ڪئي آهي پر ان جي باوجود اسان عوام کي ريليف ڏيڻ جي سموري ڪوشش ڪري ر??يا آهيون ۽ ان ڏس ۾ اسان جون گيهه ملز مالڪن سان ڳالهيون هلي رهيون آهن ته جيئن گيهه جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي جنهن جي لاءِ حڪومت ٽيڪسن جي مناسب گهٽتائي لاءِ پڻ تيار آهي. هن ??يو ته حڪومت ايندڙ مهيني نومبر ۾ راشن ڪارڊ جي طرز تي 1 ڪروڙ 20 لک غريب ??ان??انن کي احساس ڪارڊ جاري ڪري رهي آهي جنهن تي اهي اٽي، کنڊ، دالين ۽ گيهه تي سڌوسنئون سبسڊي حاصل ڪري سگهندا.