اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صنعتي شعبي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ هنرمند افرادي قوت پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته يونيورسٽين ۽ تربيتي ادارن طرفام مهارتن جي فراهمي سان ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ نمايان مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايو??ن صدر ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي (اين ايس يو) اسلام آباد جي مشاورتي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شف??ت محمود، اين ايس يو جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد مختار ۽ مشاورتي ڪائونسل جي ميمبرن شرڪت ڪئي. وائيس چانسلر اجلاس کي هنر تي ٻڌل ۽ فني تعليم ڏيڻ ۾ اين ايس يو جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته مشاورتي ڪائونسل اين ايس يو جي تعليمي پ??وگرامن کي معلومات فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڪندي ته جيئن تربيت ۽ مهارت جا ڪورسز ۽ تعليمي پ??وگرام انڊسٽري جي گهرجن ۽ گڏيل ضرورتن کي ٺوس بڻائي سگهجي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر اين ايس يو ۽ صنعتي شعبي جي وچ ۾ رابطن ۽ حصيداري قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اين ايس يو ۽ صنعتي شعبي جي وچ ۾ سهڪار ۽ حصيداري اهم آهي ڇو ته ان سان نوجوانن جي لاءِ مارڪيٽ ۾ مهارت ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ملڪ جي صنعتي شعبي کي هنرمند افرادي قوت جي کوٽ درپيش آهي، هن اين ايس يو ۽ ٻين فني تربيتي ادارن تي زور ڏنو ته اهي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب ملازمت جي قابل گريجو??يٽ پيدا ڪن. صدر وڌيڪ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته يونيورسٽي پ??ران پيش ڪيل تعليمي ۽ ٻين تربيتي ۽ هنرمندي جي پ??وگرامن بابت ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ قدمن جي ضرورت آهي.